ڄام مبارڪ

ڄام مبارڪ: ڄام مبارڪ، ڄام جوڻي جو وزير هو. ڪجهه مؤرخن کيس غاصب سڏيو آهي. هيءُ فقط ٽي ڏينهن مسند تي ويٺو. ٽن ڏينهن کان پوءِ کيس تخت ۽ تاج کان الڳ ڪيو ويو. شاهي خاندان سان سندس تعلق چٽو ڪونهي. پر تاريخي تذڪرن مان پتو پوي ٿو ته هيءُ حڪمران گهراڻي جو فرد هو. ’تاريخ معصوميءَ‘ جي ليکڪ هن کي ’دربان‘ سڏيو آهي. هن جو نالو مبارڪ خان هو. اقتدار تي ويهڻ شرط پاڻ کي ڄام مبارڪ جي نالي سان سڏائڻ لڳو.


لفظ ڄام مبارڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو